اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام 5 ??گسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني والا??يل ڪشمير ۾ ڪيل ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي نقشو پوري پاڪستاني قوم جي امنگن جي ترجماني ڪري ٿ??، پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صور??حا?? تي پرڏيهي وزارت ۾ ميڊيا ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ امن امان جي مجموعي صور??حا?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي هندوتوا پاليسين ۽ والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾وجهي ڇڏيو آهي. ڀارت والا??يل ڪشمير جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿ??، جيڪو عالمي قانونن جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان جي نئين سياسي نقشي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.