اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو نه وري شوبازن وانگر ڊرامي بازي ڪرڻ تي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??يڪڏهن ڪرپٽ چاچا جو دور هجي ها ته پنجاب انفارميشن ڊپارٽمينٽ ان جو انتظام ڪري رهيو هجي ها، اسڪرپٽ لکيو وڃي ها، ٽن طرفن کان ڪئيمرا، هڪ گلوبٽ گڏ زمين تي ڪرپٽ چاچا پرفارمر ڪري ها ۽ بس ڳالهه ختم . وزيراعظم جي خاص مددگار موٽر وي تي عورت سان زيادتي ڪندڙ ٻن جوابدارن جون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ چيو ته هي اهي بدقسمت درن??ا آهن جيڪي ان واقعي ۾ ملوث هئا، پنجاب پوليس جلد ئي کين گرفتار ڪري قرار واقعي سازا ڏياري??دي?? هن چيو ته وزيراعظم پنجاب ج?? وڏي وزير سان رابطي ۾ آهي، جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.