اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيص?? ۽ ??پٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان کي فضائي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ ۽ شهرين کي رهڻ لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪلين گرين پروجيڪٽ ۽ بلين ٽريز سونامي جهڙا منصوبا ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ ۾ سنگ ميل ثا??ت ٿيندا، پاڪستان جي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته عالمي دنيا جو اعتراف آهي ته پاڪستان ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن، فضائي آلودگي هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي صوبائي ۽ مقامي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهيمت رکندڙ آهي، اسپيڪر چيو ته ڇو ته اهي پ??ليسي ساز آهن ۽ اهي ئي عملدرآمد جي سطح تي پ??ليسين جي جاچ پڙتال ڪن ٿا، پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) جو دسخطي هجڻ جي ناطي پاڪستان کي آلودگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، پشاو?? ۽ ??راچي جهڙن پاڪستان جي وڏن شهرن کي هر سال ڌنڌ ??رپ??ش هوندي آهي، جيڪو ناقص هوا جي معيار ۽ فضائي آلودگي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، موجوده حڪومت ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ بلين سونامي ٽريز منصوبي کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.