اسلام آباد – 17 جون (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي گلبرگ گرينز اسلام آباد ۾ اي جي ٽاورز رهائشي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي شبعي ۾ سيڙپڪاري لاءِ وسيع گنجائش موجود اهي، حڪومت نجي شعبي جي حوصلا ??فز??ي لاءِ مراعتن تي ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ هائوسنگ يونٽس جي کوٽ کي نجي شعبي جي حصيداري سان ختم ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته نجي ۽ سرڪاري شعبو گڏجي هائوسنگ جي شعبي ۾ مختصر ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري ڪ??ي سگهن ٿا، ڪورونا وبا جي باوجود هائوسنگ ۽ تعميراتي جي شعبي ۾ وسيع پيماني تي سيڙپڪاري جو رجحان حوصلي وارو آهي، هائوسنگ ۽ تعيمرات شعبي جي ڪ??ي ڪيترن ئي ٻين صنعتن کي به سهارو ملندو آهي ۽ روزگار جا موقعا پ??دا ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.