اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي ا??در امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، اسان افغانستان ۾ هڪ مستحڪم حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا، آمريڪا ۽ چين دنيا جون ٻه وڏيون اقتصادي طاقتون آهن، انهن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر هوندا ته پوري دنيا ۾ بهتري ا??ندي، وزيراعظم آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح ڪيو، افغانستان جي حوالي سان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، طالبان کي اڳ ۾ آمريڪا ۽ پوءِ افغان عملدارن سان ڳالهين تي راضي ڪيو، چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پ??ڪ ?? آمريڪا لاڳاپن خاص طور تي ا??عانستان جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نيويارڪ ٽائيم کي پنهنجي ا??ٽرويو ۾ آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح طور تي دنيا آڏو رکيو آهي. پنهنجي ا??ٽرويو ۾ وزيراعظم آمريڪا سان لاڳاپن جو هڪ نئون رخ بيان ڪيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ آمريڪا سان لاڳاپن کي سيڪيورٽي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو هو، وزيراعظم آمريڪا سان سيڪيورٽي لاڳاپن بدران اقتصادي لاڳاپن تي زور ڏنو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم نيويارڪ ٽائيمز کي ا??ٽرويو ۾ ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڀارت سان اسان جا لاڳاپا ٺيڪ ٿين ٿا ته ڀارت ۽ چين ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ پاڪستان کي جاگرافيائي لحاظ کان اهم مقام حاصل هوندو، اهڙي طرح دنيا بشمول آمريڪا پاڪستان کي نظرانداز نه ڪري سگهندي.