اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عم??ن مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي ۾ ڳنڍيل آهن، ٻئي ملڪ پنهنجي جاگرافيائي ويجهڙائي کي سامهون رکندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ سياحت جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا، پاڪستان عم??ن لاءِ وچ ايشيائي رياستن تائين گيٽ وي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عم??ن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽر?? جي چيئرمين انجنيئر ريڌا الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ اوپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته عم??ن واپاري سرگرمين لاءِ پاڪستان کي يورپي ملڪن تائين پهچ ڏ??ي سگهي ٿو، هن چيو ته تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ به ٻطرفي رابطن کي وڌيڪ استحڪام ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي مثالي تعاون هڪ ٻي تي ڀرپور اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، عالمي سطح تي مختلف فورمن تي ٻنهي ملڪن ۾ بهتر مدد ڏسڻ ۾ آئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي سينيٽ ۽ عم??ن جي وچ ۾ اداره جاتي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ تاريخي گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته عم??ني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ ماحول سازگار آهي، پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪار?? جي فروغ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، حڪومت عم??ني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ عم??ن پنهنجي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائين، عم??ن جا سيڙپڪار ماڻهو گوادر ۾ سيڙپڪار?? جي موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي عم??ني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو. ملاقات ۾ سينيٽرز حافظ عبدالڪريم، دلاور خان، منظور احمد ڪاڪڙ، ڪهده بابر، ذيشان خانزاده، فيصل سليم ۽ سينيٽ سيڪريٽري قاسم صمد خان به شريڪ هئا.