چنيوٽ – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوا??ي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت ک??ي سامهون اچي وئي آهي، اهي چاهين ٿا ته ميڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، اسان جي پارٽي جا بئنڪ اڪائونٽس آهن، پيپلزپارٽي جا ته کوهه کاتا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، وزيراعظم عمران خان اهو واحد حڪمران آهي جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان 60 کان وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي سمورن اڪائونٽس جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ سرخرو ٿي نڪتا آهيون جيڪو تاريخ جو حصو آهي. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاپڙا واري ۽ فالودي وارن جي اڪائونٽس جو هڪ ڊگهو د??ستان آهي. هن چيو ته شريف خاندان جو اهو الميو رهيو آ??ي ته اهي ادارن تي پنهنجو ڌوئن?? ويهاريندا رهيا، شريف خاندان کي عدليه ۾ به پنهنجا ئي ججز گهرجن، ميڊيا پرسنز جي حوا??ي سان مريم صفدر جي نئين آڊيو سان انهن جي آمراڻي ذهنيت ک??ي سامهون اچي وئي آهي.