اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشمي?? جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موثر لائحه عمل اختيار ڪري قدم کڻڻ سان بهتري ممڪن ٿي سگهي ٿي، پاڪستان جي عوام ۽ ادارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ انهن جي آزادي کي حاصل ڪرڻ تائين ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم يڪجهتي ڪشمي?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ڪيو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جو ڏينهن آهي، جنهن کي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو ڏينهن آهي، ڪشمي?? جي مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جون سڀئي سياسي پارٽيون، ادارا ۽ سڄي قوم هڪ زبان آهي. ڪشمي?? جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب هوندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۽ خاص طور تي گڏيل قومن جي انساني حقن جي تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته انتها پسند ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمي?? جي خصوصي حيثيت ۾ تبديلي ڪري انساني حقن جي پائمالين جي بدترين مثالون قائم ڪندي لکين ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حق کان محروم ۽ نظربند ڪري ڇڏيو آهي، انتهاپسند ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هندوئن جي نوآبادڪاري جي سازش کي فروغ ڏئي رهيو آهي ته جيئن والاريل ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اق??يت ۾ تبديل ڪيو وڃي، صادق سنجراڻي چيو ته ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي بربريت، ظلم ۽ زيادتي ۽ انساني حقن جي بدترين پائمالين سان نه رڳو ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا ۾ ظاهر ٿيو آهي پر انهن جي غير قانوني قدمن ت?? آواز اٿي رهيا آهن، ڀارت جي موجوده حڪومت نه رڳو ڪشميرين ت?? ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پر ڀارت ۾ رهندڙ سڀني اق??يتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن جا ادارا، تنظيمون ۽ جمهوريت پسند ملڪ ڪشمي?? جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرن جي خواهشن موجب حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.