اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته قومي سلامتي جي ادارن تي ڪو به حملو ۽ انهن کي ڪمزور ??رڻ جي سازش ملڪ جي مفاد جي خلاف هوندي. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي خطاب کانپوءِ ??سپ??ڪر راجا پرويز اشرف رولنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سلامتي جي ادارن تي ڪو به حملو ۽ انهن کي ڪمزور ??رڻ جي سازش ملڪي مفاد جي خلاف هوندي. هن چيو ته جيڪو به ائين ڪري ٿو ته اهو ملڪي مفاد ۾ نه آهي. هن چيو ته ملڪ جو آئين به ان ڳالهه ج?? اجازت نه ٿو ڏي ته فوج ۽ عدليه تي اهڙي قسم جا حملا ڪيا وڃن.