گوادر – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدا??ت ڪئي آهي ته گوادر ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ پورو ڪيو و??ي، 12 لک گيلن ڏهاڙي جو ڊي سيلينيشن پلانٽ جلد مڪمل ڪيو و??ي، مقامي ابادي کي سولر پينل جي فراهمي جي لاءِ سولر پينلز جي پاڪستان ۾ تياري يقيني بڻائي و??ي، گوادر ايئرپورٽ کي ايندڙ سال جولاءِ تائين مڪمل ڪيو و??ي، انٽرنيٽ جون سهولتون بهتر بڻايون وڃن. اهي هدايتون هن ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ وزيرن، مملڪتي وزيرن، خاص معاونين، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڊي سيلينيشن پلانٽ تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ پاڻي جي طلب، سپلائي، ڊيمز جي موجوده صورتحال تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گوادر ۾ پاڻي جي موجوده طلب 3.4 ملين گيلنز پر ڊي ۽ سپلائي 9 ملين گيلن پر ڊي آهي جڏهن ته گوادر پورٽ اٿارٽي تي 1.2 ملين گيلن پر ڊي جي پلانٽ کانپوءِ ان جي مجموعي صلاحيت 1.5 ملين گيلن پر ڊي ٿي ويندي، ان سان گڏوگڏ 9 ننڍا موبائيل پلانٽ پڻ لڳايا ويندا جنهن کانپوءِ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۾ مدد ملندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايران کان 100 مي??اواٽ جي فراهمي کانپوءِ گوادر ۾ مجموعي طور تي بجلي جي فراهمي 170 مي??اواٽ تائين پهچي ويندي جڏهن ته هن وقت بجلي جي طلب رڳو 70 مي??اواٽ آهي. سولر پينلز جي فراهمي ۽ آف گرڊ منصوبن سان مقامي سطح تي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ايران کان مڪران جي ٽرانسميشن لائين 6 مهينن جڏهن ته نيشنل گرڊ کان وڌيڪ 100 مي??اواٽ جي فراهمي جي لاءِ ٽرانسميشن لائين ڊسمبر 2022ع تائين مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس کي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي تعميراتي ڪم جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعطم چيو ته پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي جي منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جو وڌيڪ تعطل قبول نه آهي. هن هدا??ت ڪئي ته گوادر ۾ 12 لک گيلن ڏهاڙي جو ڊي سيلينيشن پلانٽ جلد مڪمل ڪيو و??ي، پاڻي جي گهر گهر فراهمي جي لاءِ پائيپ لائينز جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪيو و??ي، منصوبن ۾ تعطل ۽ مجرماڻي غفلت ڪندڙن جي نشاندهي جي لاءِ فوري انڪوائري ڪرائي وڃي. هن هدا??ت ڪئي ته 62 مي??اواٽ جي سولر منصوبي جي حوالي سان ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪئي و??ي، سولر منصوبي ۽ مقامي آبادي کي سولر پينلز فراهم ڪرڻ جي منصوبي لاءِ سولر پينلز جي پاڪستان ۾ تياري يقيني بڻائي وڃي. هن هدا??ت ڪئي ته گوادر ۾ بجلي جي بيس لوڊ جي فراهمي سان گڏوگڏ ايندڙ سالن ۾ بجلي جي طلب ۾ اضافي ۽ سپلائي جي لاءِ ٺوس منصوبو ٺاهي پيش ڪن، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جولاءِ 2022ع تائين يقيني بڻائي و??ي، تربت ۽ ڪوئيٽا جي هوائي اڏن تي عالمي اڏامن کي بحال ڪيو وڃي ۽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي آندي و??ي، پوري بلوچستان ۾ آف گرڊ بجلي جي منصوبن جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن هدا??ت ڪئي ته گوادر ۾ انٽرنيٽ جي سهولت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. گوادر بندرگاهه تي ڊريجنگ کي جلد شروع ڪيو وڃي ۽ بريڪ واٽر جي حوالي سان عملي قدم کنيا وڃن، گوادر ۽ اسپتال جي تڪميل ڊسمبر بدران سيپٽمبر ۾ يقيني بڻائي وڃي. هن هدا??ت ڪئي ته گوادر جي سمورن پيڙهيل 16523 خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو و??ي، هڪ هفتي کانپوءِ انهن سمورن قدمن تي اجلاس ۾ اڳڀرائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.