اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي وي??دي، نمائش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران جاري ه?? پريس رليز ۾ چيو وي?? آهي ته هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان پاڪستاني ڪميونٽي ۽ فرينڊز آف ڪشمير کي نمائش ۾ شرڪت ۽ ڀارتي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي دعوت ڏني آهي. نمائش کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ ڪشم??ر جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو وي??دو، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.