اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ??ار?? جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ جي قدمن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي تمڃيل تڪراري حيثيت کي ن??صا?? پهچائڻ ۽ ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل جيڪي عالمي قانون ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??ار?? نه رڳو پنهنجون ذميواريون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ ۽ ڪشم??ري عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق ک?? استعمال ڪرڻ جي پنهنجي قيادت جي پڪي واعدن کان انڪار ڪيو آهي پر هن والاريل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ۽ زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ دهشتگردي ۽ وسيع پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري رکيو آهي. ترجمان چيو ته ??ار??ي قابض فوج جي هٿان آگسٽ 2019ع کان هيست??ئي?? والاريل ڪشمير ۾ 660 ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي. والاريل علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ معصوم ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ۽ نام نهاد فوجي آپريشنز، حراستي فوتگين، پيلٽ گنز جو استعمال، جبري گمشدگين، گڏيل سزائن ۽ پوري ڪشم??ري قيادت کي قيد جون صعوبتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن انهن کي خودمختياري جي حق لاءِ پرامن ۽ جائز جدوجهد جي لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪي سگهجي. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ??ار??ي فوجي مقرر آهن جتي غيرقانوني انتظامي قدمن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ زمينن جي ضبطگي، غيرڪشميرين کي رهائڻ ۽ لکين غيرقانوني ڊوميس??ئي?? سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪشم??ري مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ??ار?? انهن ڪاررواين جي باوجود ڪشم??ري عوام جي حريت جي جذبي کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي.