اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري و??اق?? وزير سيد امين الحق چيو آهي ته زندهه قومون ??نهنجي ملڪ جي آزادي جو جشن تجديد عهد سان شڪراني جو سجدو ڪري ملهائينديون آهن. پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ هن چيو ته قوم کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته اسان کي آزادي جي اها عظيم نعمت پليٽ ۾ رکي پيش نه ڪئي وئي. ان آزادي جي راهه ۾ اسان جي بزرگن بي مث??ل قربانيون ڏنيون ??يون. انهن کي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندي ??اه?? ۽ خون جي درياءَ مان گذرڻو پيو. اها الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ر??نمائي ۽ مدد ئي هئي جنهن آزادي جهڙي عظيم نعمت سان اسان کي نوازيو، ان ۾ پنهنجي پروردگار جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ هوندو.