اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضائي پل جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان وڌيڪ ٻه امدادي اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي ??فيس موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان مجموعي طور تي 41 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغ??ره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جا هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام جي مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون.