نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 77 هي?? اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت ۽ عالمي اڳواڻن سان ٻطرفين ملاقاتن جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مصروفيت?? ۾ ??نرل اسيمبل?? جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ڊيوڊ مالپس ملاقاتون شامل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاث?? علائق?? ۾ ??مدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي پڻ صدارت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 77 هي?? اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم مصر پاران سي او پي 27 جي حوالي سان منعقد سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فن لين?? جي صدر صعولي ننستو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 77 هي?? اجلاس جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.