اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي وارا تربيتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي زور ڏيندي چي?? آهي ته سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت ??ي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين به آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال، اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته عوام کي خدمتن جي بهتر فراهمي جي لاءِ سرڪاري ملازمن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ بهترين عالمي طريقن موجب تربيت ڏيڻي پوندي، سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چي?? ته تربيت ۾ مصنوعي ذهانت، آن لائين ۽ هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪيو وڃي، سرڪاري ملازمن مهارتن ۾ اضافي، وقت سر ۽ صحيح فيصلاسازي جي لاءِ تعليمي ماڊيولز کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت ??ي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. صدر خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي جي تربتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين به آهي، هن چي?? ته بيوروڪريسي پاران مجموعي طور تي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڏورانهن علائقن ۾ مقرر آفيسرن کي مختصر ۽ ڊگهي مدي ??ار?? معياري تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي تي ٻڌل پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. منصوبابندي ??ار?? وفاقي وزير پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي طرز تي اين ايس پي پي کي ڊگري جاري ڪرڻ ??ار?? اداري ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي. بورڊ آف گورنرز اجلاس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا آئٽمز تي پڻ فيصلا ڪيا. اين ايس پي پي ۾ گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس، گريڊ 19 جي آفيسرن جي لاءِ سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن جي لاءِ نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس منعقد ڪرائي ٿي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي اين ايس پي پي جو پبلڪ پاليسي بابت ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي، ان جو مقصد پاڪستان جي گهڻ رخي ۽ سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ حڪومت جي وسيع ۽ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاليسي ريسرچ ۽ مڪالمي جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي.