سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، گذريل ڏينهن سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آبا?? ۽ ??وشهروفيروز ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪ??شنر نوشهروفيروز مهدي مالوف جي اڳواڻ?? ۾ ??پٽي ڪ??شنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي سلسلي ۾ نوشهروفيروز ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪ??شنر سيد عمار حسين، ??سس??نٽ ڪمشنر احسان الله يوسفزئي کانسواءِ سمورن کاتن جي آفيسرن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي جي پچاڻي تي خ??اب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪ??شنر مهدي مالوف چيو ته سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي، اسان ڪشميرين تي ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي.