اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪ??دي چيو آ??ي ته هو هڪ عظيم فلسفي، مفڪر ۽ اديب ئي نه پر قاري ۽ قرآن جو مفسر ??ڻ هو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقبال جو ڪلام ذهني ۽ قلبي انقلاب جو ذريعو هو ۽ اڄ به وقت ۽ سرحد جي قيد مان نڪري پوري دنيا تائين پهچي رهيو آ??ي. اقبال جي فڪر تي هلي پيام اقبال پورو ڪرڻو آ??ي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي اڄ اقبال جي فڪر ۽ فرمانن مان رهنمائي وٺڻ جي ضرورت آهي. انهي لاءِ نومبر مهيني جي هر ڏينهن کي اسان فڪر اقبال جي فروغ جو ذريعو بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل قومي ڪميٽي اهو فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. هڪ ن??جوان جو طرز عمل ڇا هجڻ گهرجي، اهو اسان ??ي حضرت اقبال کان سکڻو آ??ي.