اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف ??نر?? سيد عاصم من??ر کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آڙمي چيف سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بهادر پاڪ فوج جي سپهه سالار جو عهدو سنڀالڻ وڏو اعزاز آهي، پاڪ فوج کي ت??ها?? جهڙو پيشيواراڻي قابليت رکندڙ سربراهه ملڻ الله تعاليٰ جو خاص فضل آهي. وزيراعظم چيو ته پورو يقين آهي ته ت??ها?? جي قيادت ۾ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ ملڪ جي دفاع جي قوت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي??دو، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي سميت سيڪيورٽي چئلينجز کي من??ن ڏيڻ ۾ الله تعاليٰ ت??ها?? جي مدد ۽ رهنمائي فرمائي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ت??ها?? کي ميسر هوندو. آرمي چيف ??نر?? سيد عاصم من??ر نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.