اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پرڏيهي مع??مل?? واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ پرڏيهي مع??مل?? واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٿيندڙ ريزيلئينٽ پاڪستان ڪانفرنس جي حوالي سان ??فصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي ڪانفرنس جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته پرڏيهي وزير وزيراعظم کي پنهنجي آ??ريڪا جي تازي دوري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو.