ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو خوش آئنده آهي، ابوظهبي ??يم??ر آف ڪامرس جي بورڊ ۾ پاڪستاني واپاري جي طور ميمبر موجودگي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار جو اعتراف آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان ابوظهبي ??يم??ر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت ??يم??ر جي چيئرمين عبدالله مح??د المزروعي ڪري ر??يو هو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه مح??د آصف، هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مواصلات وارووفاقي وزير مولانا اسعد مح??ود، وزيراعظم جا خاص معاونين اورنگزيب، طارق فاطمي ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس يو اي اي جي هڪ اهم ??يم??ر آف ڪامرس جي وفد سان ملي خوشي ٿي. هن چيو ته ابوظهبي ??يم??ر گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي. وزيراعظم چيو ته ??يم??ر ۾ پاڪستاني ميمبرن مان هڪ واپاري جو بورڊ ميمبر بڻجڻ اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جيڪو ان حقيقت جو مظهر آهي ته پاڪستاني ڪميونٽي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??ي آهي، وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ دانشمندي مختصر عرصي ۾ گڏيل عرب امارات کي اقتصادي ۽ سياحت جو مرڪز بڻايو آهي، پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته اسان گڏيل عرب امارات کي پنهنجو پاڙيسري هجڻ جي ناطي هڪ اهم اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيدار سمجهون ٿا جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي ۽ گڏيل سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي صلاحيت رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??يم??رز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان پاڪستاني ??يم??رز تي زور ڏينداسين ته اهي ابوظهبي ??يم??ر سان نوان رابطا قائم ڪن. وزيراعظم ابوظهبي ??يم??ر جي ميمبرن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اهي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي بهترين موقعن جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪن. وزيراعظم چيو ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ابوظهبي ??يم??ر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.