اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ جي لا??ِ قانونن تي عملدرآمد کي لا??مي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جو خيال ٿي سگهي ٿو ته ٽريفڪ حادثا ڪو اهم موضوع نه آهي پر جيڪڏهن اسان قانونن تي عمل نه ڪنداسين ته رستن تي موت جو شڪار ٿينداسين. صدر چيو ته سياست به ائين آهي، اسان جو آئين قاعدن جو مجموعو آهي. قانون ٽوڙيندڙن جي مفادن کي پورو ڪرڻ لا??ِ ب??انا ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي آئين جو پابند بڻائڻ گهرجي.