اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) ڪم ڪار واري جڳ??ه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب فوزيه وقار پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر گذريل ڏينهن وفاقي محتسبين اداراجاتي سڌارا ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 3 ۽ 21 تحت فوزيه وقار جي ڪم ڪار واري جڳ??ه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي عهدي تي مقرري جي منظوري ڏني هئي. اها مقرري ڪشمالا طا??ق جي بطور ڪم ڪار واري جڳ??ه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جو مدو مڪمل ٿيڻ تي عمل ۾ آندي وئي آهي.