اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪپهه جي آبادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پي?? ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪپهه جي پي??اوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي سپورٽ پرائيس مقرر ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، واهه جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي بحران سبب ڪپهه جي پي??اوار ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. هلندڙ سال ڪپهه جي مجموعي پي??اوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلس لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس ۽ حڪومتي قدمن سان نه رڳو ڪپهه جي پي??اوار جي زمين تي في ايڪڙ پي??اوار ۾ خاطرخواهه اضافو متوقع آهي. اجلاس ۾ ڪپهه جي ايڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن سان ڀيٽ پڻ پي?? ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون آبادگارن کي ڪپهه جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائين. وفاقي حڪومت مقرر ڪيل سپورٽ پرائيس تي عم??درآمد جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مد?? ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪپهه جي في ايڪڙ پي??اوار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪپهه جي فصل جي في ايڪڙ پي??اوار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت تيز رفتاري سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري. ڪپهه پا??ست??ن جي پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ فصل آهي. وزيراعظم چيو ته ڪپهه اسان جي ٽيڪسٽائيل جي صنعت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. اسان ڪپهه جي ابادگارن کي سهولتون فراهم ڪري انهن جي پي??اوار ۾ اضافو ڪنداسين، ان سان نه رڳو ٽيڪسٽائيل جي برآمد ۾ اضافو ٿيندو پر ڪپهه جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ وار?? قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وزيراعظم فوري طور تي انهن قدمن تي عم??درآمد جي هدايت ڪئي.