اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر 13 اپريل تي ثمرقند ۾ منعقد ٿيندڙ ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. پرڏيهي آفيس موجب ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي مملڪ??ي وزير ٻين شريڪ وفدن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندي. ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جو مڪينزم 2021ع ۾ پاڪستان جي قدم تي قائم ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد ??فغ??نستان جي صورتحال تي علائقائي موقف کي تيار ڪرڻ آهي. پاڪستان 8 سيپٽمبر 2021ع تي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين اجلاس جي ميزباني ڪئي. پاڪستان نومبر 2021ع ۾ ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ٿيندڙ ٻئي اجلاس ۽ مارچ 2022ع ۾ چين جي شهر تونشي ۾ منعقد ٽئين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو طريقيڪار ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جيڪي ??فغ??نستان جي صورتحال جون سڌوسنئون ڌريون آهن. بيان موجب پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ منسلڪ ??فغ??نستان جي گڏيل مقصدن کي اڳ??ي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.