اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هم نيوز جي اينڪر پرسن ثمر عباس جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن ثمر عباس ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي، گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه اعليٰ مق??م ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.