پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه 9 ۽ 10 مئي تي سول ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ته قو?? اسان کي معاف نه ڪندي، ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي، سول عمارتن تي حملن جي ڏوهارين جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملي آورن ۽ منصوباسازن جي خلاف دفاعي ادارن کي حاصل آئيني اختيار تحت ڪارروائي ٿيندي. گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي ??جلاس ڪجهه ڏينهن اڳ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. مصروفين جي ڪري هي ??جلاس نه ٿي سگهيو. 9 ۽ 10 مئي تي جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا ان حوالي سان زوم تي اجلاس منعقد ڪيو. ان ڏينهن پاڪستان جي دوست نما دشمنن دهشتگردي ڪئي ۽ پاڪستان جي دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪري اهو ڪم ڪيو جيڪو د??من 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ ادارن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته سول ٺڪاڻن تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن ۽ منصوباسازن جي خلاف دهشتگردي جي ايڪٽ جي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف قانون جيڪو اختيار دفاعي ادارن کي ڏنو آهي ??ن تحت قانوني ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اها هدايت ڪئي آهي ??ه ان عمل ۾ ڪنهن به بيگناهه کي نقصان نه پهچي ۽ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿئي جڏهن ته جيڪي ماڻهو سڌي طرح ?? اڻ سڌي طرح ملڪ دشمني ۾ ملوث ڏٺا ويا يا منصوبابندي ڪئي، اهي ??ڀ ان ڏوهه ۾ شامل آهن ۽ انهن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ قو?? اسان کي معاف نه ڪندي ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي قو??ي فرض کي امانت سمجهي ??دا نه ڪيو. ان سان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.