لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي جي مسئلي ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي مرحليوار خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ ??اف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي هڪ ڀيرو استعمال کانپوءِ ??ن جي خاتمي لاءِ ??المي برادري جي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿو. حڪومت پلاسٽڪ جي آلودگي جي خاتمي لاءِ قانوني طريقيڪار جوڙڻ جي حوالي سان قومي ۽ عالمي ڌ??ين سان فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد ۾ پلاسٽڪ جي استعمال جي منع بابت 2023ع جي ريگيوليشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ضابطي تحت ٺوس فريم ورڪ ۾ پلاسٽڪ جي استعمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي لاءِ مدي جو ??عي?? ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن معاشري جا سمورا طبقا حياتياتي تنوع جي تحفظ جي لاءِ گڏ ٿين ۽ ري سائيڪلنگ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ??عور اجاگر ڪن. هن چيو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ ??اف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي.