اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ حڪومت کي سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال کي منهن ??يڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ج?? مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ??اهه سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ??يڻ جي تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن چيو ته وڏي وزير جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت ج??ڪي انتظام ڪيا آهن انهن کي ساراهيان ٿو، سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت ج?? مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان عوام جي تعاون سان ان صورتحال تي ضابط?? آڻي وٺنداسين.