ٽوڪيو-02 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني ڄاون ۽ ذڪر جوڳن جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ واپار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ??ي هڪ ٽوئيٽ ۾ ??ن چيو ته جاپان ۾ پاڪستان جي متحرڪ پاڪستاني ڄاون کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان ل??ڳاپن کي پ??هن??و ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ م??هن??ي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. اڄ م??هن??ي ان جي ڪجهه نمائندن سان ملاقات ٿي ۽ جاپان سان پ??هن??ي ٻطرفن ل??ڳاپن خاص طور تي ڪاروبار واپار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جاپان جي پ??هن??ي دوري دوران مون هڪ آجياڻي ۾ ذڪر جوڳين جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان پڻ ڳا??هيون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته م??هن??ي لاءِ اها ڳا??هه حوصلي واري آهي ته هو ايگزيڪيٽوز پاڪستان ۽ جاپان جي واپار، زراعت، ٽيڪنالاجي، تعليم، هنرمند افرادي قوت، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ صاف توانائي سميت ٻين شعبن ۾ موجود گنجائش ۽ سيڙپڪاري مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. پرڏيهي وزير جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) ۽ جاپان ايڪسٽرنل ٽريد آرگنائيزيشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقاتن ۾ آصفه ڀٽو پڻ موجود هئي.