حيدرآباد-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي فواد غفار سومرو ضلعي جي سمورن لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي آه?? ته امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻي جي نيڪالي واري عمل جي نگراني ڪن. پنهنجي آفيس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي پريشانين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ عملو سنجيدگي ۽ دلچسپي سان پنهنجا فرض ادا ڪن. هن، حيسڪو اختياري?? کي هدايت ڪئي ته اهي واسا جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته جنريٽر تي پمپنگ مشين?? کي فعال رکڻ جي صلاحيت فقط 25 سيڪڙو هوندي آه?? ۽ پاڻي جي نيڪالي وارو ڪم پڻ متاثر ٿيندو آه?? ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته پمپنگ اسٽيشن?? کي بجلي فراهم ڪندڙ فيڊر?? کي فعال رکڻ لاءِ ضروري انتظام?? کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ بلڊنگس کاتو سرڪاري ڪالونين ۽ سوسائٽيز مان برساتي پاڻي جي نيڪالي جا ذميوار آه?? تنهنڪري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون سميت سمورا لاڳاپيل عملدار پاڻمرادو برساتي پاڻي جي نيڪالي وارن ڪمن جي نگراني ڪندا ۽ انشاالله ماڻهن جي جانين ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪت?? آندا ويندا.