اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪ??ل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ تڪرارن جي حل جو طريقي??ار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪ ڀارت پ??ڻي تڪرارن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن تي اڳتي وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ طاس معاهدي جي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي برقرار رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ه??ڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پ??ڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. پاڪستان تڪرارن جي حل جي طريقي??ار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪ??ل طور تي پرعزم آهي. اسان اميد ڪر??ون ٿا ته ڀارت به نيڪ نيتي سان ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.