پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ فاٽا يونيورسٽ?? جي فيز ون جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير، اعظ?? خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ا??جنيئر ا??ير مقام، هايئر ا??جوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد به موجود هو. اها ??ونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آه?? جيڪا انهن ضلعن جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو.