اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ فيڊرل پبلڪ ??روس ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي جو حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس فيڊرل پبلڪ ??روس ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي جو حلف ورتو. ايوان صدر ۾ حلف برداري جي سادي ۽ پروقار تقريب ٿي. فيڊرل پبلڪ ??روس ڪميشن جي چيئرمين جي حلف برداري جي تقريب ۾ اعليٰ سرڪاري عملدارن سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.