اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي مشاورت جو ٽيون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيا) الياس محمود نظامي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئ?? جڏهن ته چيني وفد جي سر??راهي ڊائريڪٽر جنرل (ايشيائي معاملا) پرڏيهي وزارت ليو ج??سو??گ ڪئ??. ٻنه?? ڌرين ڏکڻ ايشيا ۽ وسيع تر خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي مٽ??سٽا ڪئ??. ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو. بيجنگ جي دوري دوران ڊائريڪٽر جنرل الياس نظامي معاون پرڏيهي وزير نونگ رونگ سان پڻ ملاقات ڪئ?? جتي پاڪ چين لاڳاپن جي مثبت رخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.