نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن آ??ريڪا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، نگران وزيراعظم چين جي نائب صدر هان زينگ سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ناليواري ٿنڪ ٽينڪ ڪائونسل آف فارن ريليشنز (سي ايف آر) کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم سان گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي تي 28 هين ڪانفرنس (ڪوپ – 28) جي نامزد صدر سلطان الجابر جي ملاقات پڻ متوقع آهي. نگران وزيراعظم اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪ??تا??ي ڄائي ڊاڪٽرن جي ايسوسيئيشن (اي پي پي اين اي) جي وفد سان ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم پاڪستان آ??ريڪا بزنس ڪائونسل جي وفد سان پڻ ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم ناليواري عالمي ?? آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندو. نگران وزيراعظم مختلف آمريڪي ڪم??نين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو.