اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سو??نگ?? معاشري مان عدم برداشت جي خاتمي ۾ فلمن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، فلمن جو نه رڳو پراڻي پر موجوده دور ۾ به تاريخي ڪردار رهيو آهي، سٺيون فلمون تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو سيکارين ٿيون، اسان جو نوجوان نسل ڊيجيٽل ٽيڪنال??جي مان فائدو کڻي رهيو آهي، نوجوانن کي سکڻ جو عمل جاري ۽ پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح وومين ي??ني??رسٽي جي اهتمام هيٺ ”ٻئي نقش ڊيجيٽل فلم فيسٽيول 2023ع“ جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نقش ڊيجيٽل فلم فيسٽيول فاطمه جناح ي??ني??رسٽي جي هڪ اهم ڪوشش آهي، فلمن جو نه رڳو پراڻي پر موجوده دور ۾ پڻ اهم تاريخي ڪردار آهي. هن چيو ته سٺيون فلمون اخلاقيات سيکارڻ سان گڏوگڏ تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو پڻ سيکارين ٿيون. مرتضيٰ سو??نگ?? چيو ته اسان جا نوجوان ڊيجيٽل ٽيڪنال??جي مان فائدو کڻي رهيا آهن، نوجوان سکڻ جي ان عمل کي جاري رکن. هن چيو ته فيسٽيول ۾ فاطمه جناح وومين ي??ني??رسٽي سان يو اين ايف پي اي سميت ٻين عالمي ادارن جي حصيداري ڏسي خوشي ٿي. هن چيو ته پي ٽي وي قومي نشرياتي ادارو آهي جيڪو ان عظيم فيسٽيول ۾ حصيدار آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير فيسٽيول ۾ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته رنرز اپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، اس??ن کي معاشري ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، اس??ن کي گڏجي پاڪست??ن کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. هن چيو ته ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ تي فاطمه جناح ي??ني??رسٽي ۽ ٻين حصيدارن جا ٿورائتا آهيون، اطلاعات واري وزارت جا دروازا نوجوانن جي لاءِ سدائين کليل آهن، اطلاعات واري وزارت فاطمه جناح ي??ني??رسٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي.