اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچا??ين??اسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ اي سان لاڳاپيل معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي جو ??فص??لي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن شمشاد اختر، فواد حسن فواد، هوابازي واري ??لا??ڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال ۽ نجڪاري بابت ??فص??لي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ??ان لاڳاپيل سمورن قدمن جي هدفن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ باقاعدگي سان ان بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين حڪومت ان جي هر ممڪن معاونت ڪندي رهندي. خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد کان جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچا??ين??اسين. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪري جلد کان جلد مڪمل ۽ نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي بابت باقاعدگي سان آگاهه ڪيو وڃي.