اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽ??سٽ جي وچ ۾ تعيلمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعل??مي سفر ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح سان نکارڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رهوڊز ٽ??سٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين وسيم سجاد ۽ رهوڊز ٽ??سٽ برطانيا جي سي اي او اليزابيٿ ڪِس جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چ??و ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽ??سٽ جي وچ ۾ تعل??مي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني يونيورسٽين کي ناليوارين يونيورسٽين خاص طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽي سان لاڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چ??و ته رهوڊز ٽ??سٽ پاران پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستاني شاگردن کي تعل??مي وظيفا فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، رهوڊز ٽ??سٽ پاران پاڪستاني شاگردن کي انهن جي تعل??مي سفر ۾ معاونت ۽ مشاورت ڪرڻ ساراهه جوڳي آهي. صدر چ??و ته تعل??مي سفر ۾ شاگردن کي مشاورت ڏيڻ سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح نکارڻ ۾ مدد ملندي. رهوڊز ٽ??سٽ جي سي اي او صدر کي تعل??مي شعبي ۽ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي فراهمي ۾ ٽرسٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چ??و ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار اد?? ڪري سگهون ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته سياست، قانون، سائنس، فنون لطيفه ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڪيترائي پاڪستاني رهوڊز اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي وقتي صدر وسيم سجاد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج بابر ستار ۽ شاهد جاويد ??رڪي سميت ناليواريون پاڪستاني شخصيتون رهوڊز اسڪالرشپ مان فائدو کڻي چڪيون آهن.