برسلز – 27 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب نگرا?? پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار برسلز ۾ سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڳال??ائ??ندي ڪيو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان جو اهم حصيدار اهي، ان ڏس ۾ يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس جو تسلسل انت??ائ?? خوش آئنده آهي. نگرا?? پرڏيهي وزير چيو ته ان قدم سان يورپي يونين سان ??طر??ي اقتصادي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ سفارتي عملي نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي شاندار آجيان ڪئي. نگرا?? پرڏيهي وزي?? قونصلر سيڪشن سميت سفارتخاني جي مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگرا?? پرڏيهي وزير سفارتخاني ۾ رکيل ”وزيٽر بُڪ“ ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.