اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جنگين ۽ تڪرارن جي نتيجي ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عا?? کي روڪڻ ۽ انسانيت کي دنيا جي طاقتورن جي تشدد کان بچائڻ جي لاءِ هڪ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عا????ي برادري غزه ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اس??ام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪارن ۽ دانشورن سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عقل جي طاقت کي انهن پرتشدد طاقتن تي فوقيت حاصل هجڻ گهرجي جيڪي انسانيت ۽ انصاف جي روح کي ختم ڪن ٿيون. صدر چيو ته دنيا ۾ مفاد انسانيت تي غالب آهن، جتي ماڻهن کي غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻائڻ معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جنگ ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جنگ جي خاتمي جي خلاف ويٽو جو حق استعمال ڪرڻ لاڳاپيل ملڪن جي اخلاقي معيارن تي سواليه نشانو لڳائي ٿو. صدر چيو ته غزه ۾ اسرائيل پاران فلسطينين جي وڏي پئماني تي قتل عا?? تي عا????ي برادري جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. عا????ي برادري کي گهرجي ته اها رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جواز ۾ فلسطينين کي وحشياڻي قتل عا?? جو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ وڏي پئماني تي فوتگين کي گڏيل نقصان قرار ڏئي رهيو آهي. صدر چيو ته ماضي ۾ يورپ ۾ جنگ سان ٿيندڙ فوتگين کانپوءِ دنيا امن معاهدي جي لاءِ ۽ بعد ۾ ليڪ آف دي نيشنز ۽ گڏيل قومن جهڙا ادارا معرض وجود ۾ آيا. انهن تڪرارن کي وڌائڻ ۽ جنگين کي روڪڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار جي لاءِ امن قدم کڻڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي زور ڏنو. صدر چيو ته تڪرارن سان گڏوگڏ دنيا کي ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت، منفي سماجي بيانيي، دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ غيرمطمئن انسانن سان لاڳاپيل ڪيترائي خطرا درپيش آهن. هن چيو ته انهن چئلينجن جي حقيقت پسنداڻي حل جي لاءِ عا??مي تعاون جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ قابل عمل نظامن کي اختيار ڪرڻ ۽ اخلاقيات کي نقطه نظر ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اس??ام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي صدر ڊاڪٽر رضا محمد ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته دنيا قدرتي ۽ انسا??ي آفتن جي ور چڙهيل آهي. وقت اچي ويو آهي ته انسانيت کي لاحق خطرن کان بچائڻ جي لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪيو وڃي. هن تڪرارن جي حل، معيشت ۽ موسمياتي تبديلين تي عا??مي ڌيان جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن اسرائيل جي وحشياڻي ڪاررواين جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.