اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي ٻولي مسلمانن جو عظيم اثاثو آهي، عربي ٻولي جي خدمت به عبادت آهي، ترقي جو واحد حل تعليم کي ترجيح ڏيڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ”عربي ٻولي کي هٿي ??ٺا??ڻ ۾ ادارن ۽ ماڻهن جو ڪر??ار?? جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عربي فصالحت واري ٻولي آهي جيڪو وهندڙ درياءُ آهي جنهن جي رواني هر گذرندي ڏينهن سان وڌي رهي آهي. هن چيو ته عربي کي هٿي ??ٺا??ڻ ۾ عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڪر??ار مثالي آهي جتي مصر، سوڊان، سعودي عرب سم??ت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ج?? استاد بهترين ڪر??ار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي جهڙن ادارن کي معاشري ۾ وڌائڻو پوندو ۽ جامع طرز تعليم جي باقي يونيورسٽيون به اپنائين. ڪانفرنس کي يمن جي سفير محمد مطهر العشبي خطاب ڪندي چيو ته عربي قرآن پاڪ جي ٻولي آهي، اسان نماز به عربي ۾ پڙهندا آهيون، عربي کي هٿي ??ٺا??ڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.