اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ??رڻ جي سدائين حمايت ڪندو رهندو، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مقصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏ??ل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ??رڻ آهي، پاڪستان اقتصادي سفارڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطين ڪاز جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ 4 کان 6 جون دوران جاري رهندڙ سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جا سفير شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي غور فڪر ڪيو پيو وڃي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آجيان ڪندي سفيرن واري ڪانفرنس ۾ مباحثي جي فريم ورڪ ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي لاءِ سفارتي چئلينجز ۽ موقعن بابت هڪ مباحثي فورم جي طور تي ان جي اهميت جو خاڪو پيش ڪيو. هن پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ??رڻ ۾ پرڏيهي آفيس جي اهم ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي موجوده دور جي ضرورتن سان هم آهنگ ??رڻ جي لاءِ ان جي طرز عمل بابت اهم ضرورتن بابت پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ملڪ جي هڪ ترقي پسند، معاشي طور تي ترقي يافته رياست جي ويزن جي طور تي رهنمائي ??رڻ گهرجي جيڪا پنهنجي عوام جي سماجي ?? اقتصادي ڀلائي کي ترجيح ڏي ٿي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مقصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏ??ل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ??رڻ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان گڏ بيٺل رهندو، اقتصادي سفارتڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت جاري رکندو. هن ڪانفرنس کي خطي ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين جي پس منظر ۾ وقت سر ۽ لاڳاپيل قرار ڏنو. هن پاڪستان جي سفارتڪاري تي پنهنجي اعتماد جو ورجاءُ ڪيو ۽ سفارتڪارن جي سخت مشڪلاتن جي باوجود بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ??رڻ تي انهن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ غور فڪر سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي تجويزون ملنديون. نگران وزيراعظم پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني سفارتڪارن جي لاءِ پاڪستان جي مفادن جي تحفظ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ??رڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.