اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي)اڳو??ي وزيرا??ظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڊگهي جلاوطني کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ واپسي تي جذ??اتي ڪيفيت آهي، پنهنجي گهر واپسي ۽ پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ تي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن قومي اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبرن طور حلف کڻڻ کانپوءِ گيٽ نمبر 5 تان واپسي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيو?? ڪندي اهڙن خيالن جو ??ظه??ر ڪيو. هو پنهنجي ڌيءَ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان گڏ روانو ٿي رهيو هو. نواز شريف چيو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آهن، هن وقت سڀني کي گڏجي ملڪ ۽ قوم کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هڪ سوال جي جواب ۾ تي نواز شريف جذ??اتي انداز ۾ چيو ته هڪ ڊگهي عرصي جي جلاوطني کانپوءِ اسيمبلي جي ميمبر جو حلف کڻڻ منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي، هن چيو ته هي موقعو منهنجي لاءِ خوشي ۽ جذ??اتي ڪيفيت جو آهي. آئون ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ پرعزم آهيان، پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين.