اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم ر??يس??، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي پاڪ ايران ل??ڳاپن ۽ خطي جي حوالي سان خدمتن تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم ر??يس?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ابراهيم ر??يس?? وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو، پاڪستان مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ سندن ساٿين جي مغفرت جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عو??م کي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم ر??يس?? ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر سان شديد صدمو ٿيو آهي. اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿ??. ا??ان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ۾ ايران سان گڏ بيٺل آهي. ان حوالي سان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم ر??يس?? هڪ وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو. پاڪستان ڊاڪٽر ابراهيم ر??يس?? جهڙو مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وزيراعظم ڊاڪٽر سيد ابراهيم ر??يس?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم ر??يس?? جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ايران ل??ڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني ڊاڪٽر ابراهيم ر??يس?? جو پاڪستان جو دورو اسان جي ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل هو. ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني عوام سان گذريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. ڪابينا پاران منظور ڪيل قرارداد ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم ر??يس?? جي پاڪ – ايران ل??ڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. ڪابينا دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم ر??يس??، ايراني پرڏيهي وزير ۽ انهن جي ساٿين کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.