راولپنڊي -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، شهيد ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد جي ??هر پهچي شهيد ڪيپٽن جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت شهيد جي ??ٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي. محمد اسامه بن ارشد گذريل ڏينهن اتر وزيرستا?? ۾ ??هشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ٿي ويو هو. صدر مملڪت شهيد جي بهادري، جذبي، حب الوطني ۽ وطن لاءِ خدمتن کي به ساراهيو. صدر مملڪت وطن لاءِ جان جو نذرانو پي?? ڪرڻ تي شهيد کي خراج ??قيدت پي?? ڪيو. صدر مملڪت شهيد جي بلند درجن ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.