اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته مادر ملت محترمه فاطمه جناح آزادي جي جدوجهد ۾ قائداعظم محمد جناح سان گڏ رهي، جمهوريت جي فروغ لاءِ محترمه فاطمه جناح جو عزم پختو ۽ متا??ر ڪندڙ هو. مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ آزادي جي جدوجهد ۾ محترمه فاطمه جناح جو ڪردار نمايان رهيو. جمهوريت جي فروغ لاءِ سندس عزم پختو ۽ متا??ر ڪندڙ هو. هوءَ سمورن پاڪستانين جي لاءِ قابل احترام ۽ رول ماڊل هئي. هن چي?? ته فاطمه جناح جي سڄي زندگي محنت جي جذبي سان سرشار هئي، ان جي لازوال ميراث اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.