اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪا??ن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪ??ٽ لينڊ پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان طرفان يورپ لاءِ ايڊيشنل پرڏيهي ??يڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي تي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏيهي ??فيس مان جاري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪ??ٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن واري دوري دوران پاڪستاني قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن جي اڳ??اڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري جنرل 2022ع جي تباهي ??ڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي. سندس دوري دوران ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ ڪا??ن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون ??ن ۾ پاڪستان جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.