راولپنڊي-05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته پاڪ فوج حق خود اراديت جي منصفاڻي جدوجهد ۾ والاريل ڪشمير جي بهادر عوام سان گڏ بيٺل آهي، والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊئون، علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ ل??ءِ ڀارتي قدمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي اهو سڀ عالمي قانونن جي کليل خلاف وزري آهي ۽ خطي جي سلامتي ل??ءِ خطرو آهي، پاڪ فوج عوام ل??ءِ سماجي ۽ معاشي منصوبن ۾ ڀرپور حصو وٺندي آهي. سُومر ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ت?? خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ل??ءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل اڻٽر آهي. هن چيو ت?? اڄوڪي ڏينهن پاڪ فوج والاريل ڪشمير جي انهن شهيدن کي انهن جي عظيم قربانين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، ان سان گڏوگڏ ظلم ۽ غير قانوني ڏاڍ خلاف ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان جي حڪومت ان جي موقف جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿي. هن چيو ت?? سال 2024ع جي پهرين ستن مهينن ۾ سي ٽي ڊي جي انهن آپريشنز دوران 139 بهادر آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي، پوري قوم انهن بهادر سپوتن ۽ انهن جي وارثن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي ان مان ظاهر ٿئي هو ت?? پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انٽيليجنس ايجنسيون پاڪستان جي داخلي ۽ بارڊر سيڪيورٽي کي ??قيني ۽ دائمي بڻائڻ ل??ءِ مڪمل طور تي ڌيان ڏئي رهيون آهن. هن چيو ت?? دهشتگردي خلاف اسان جي ڪامياب جنگ آخري دهشتگردي ۽ ان سان جڙيل دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندي. سي ٽي ڊي ۽ فوجي آپريشن کانسو??ءِ جهڙوڪ پهرين چيو ت?? پاڪ فوج خاص ڪري پاڪستان آرمي عوام ل??ءِ سماجي ۽ معاشي منصوبن ۾ ڀرپور حصو وٺندي آهي، ان مان گهڻا فلاحي ڪم آهن، جهڙوڪ تعليم، صحت، ڀلائي ۽ ترقي، معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ ۽ ٻين شعبن جي منصوبن، جيڪي فوج، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان مڪمل ڪندي آهي. پاڪ فوج جو خاص ڌيان خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل ضعن ۽ بلوچستان جي متاثر علائقن تي آهي، ان کانسو??ءِ فلاحي منصوبا آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به جاري آهن يا پڄاڻي تائين پهچي چڪا آهن. پاڪ فوج پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ خاص طور تي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي متاثر علائقن ۾ تعليمي وسيلن جي فراهمي ل??ءِ جامع قدم کنيا آهن ۽ ان ڏس ۾ مختلف تعليمي ادارن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. خيبرپختونخوا ۽ خاص طور تي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ 94 اسڪول، 12 ڪيڊٽ ڪاليجز، 10 ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ت?? انهن تعليمي ادارن مان اٽڪل 80 هزار ٻار تعليم جي روشني مان فائدو کڻي رهيا آهن، ٻن منصوبن جن جوآئون خاص طور تي ذڪر ڪندس، پهريون منصوبو چيف آف آرمي اسٽاف جو يوٿ ايمپلائيمينٽ اسڪيم آهي، جنهن تحت انهن ضلعن ۾ 1500 مقامي ٻارن سميت ملٽري ڪاليجز ۾ مفت تعليم ڏني پئي وڃي، ٻيو منصوبو تعليم سڀني لاءِ، ان منصوبي تحت خيبرپختونخوا 7 لک 46 هزار 768 شاگردن کي انرول ڪيو ويو آهي، جن مان 94 هزار کان وڌ??ڪ جو تعلق نون ضم ٿيل ضلعن سان آهي، ان منصوبي تحت تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن کي ??عاشري جو ڪامياب شهري بڻائڻ ل??ءِ ڊجيٽل ۽ ٽڪينڪل اسڪلز به سيکاريا پيا وڃن. اهڙي طرح بلوچستان جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته 60 هزار شاگردن کي 160 اسڪولن ۽ ڪاليجز، 12 ڪيڊٽ ڪاليجز، يونيورسٽين ۽ 3 ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن جو قيام وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان عمل ۾ آندو ويو آهي، بلوچستان جي انهن شاگردن ل??ءِ هڪ جامع اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ انهن کي ??اڪستان آرمي طرفان تعليم سان گڏوگڏ سموريون سهولتون ۽ خرچ پڻ فراهم ڪيا پيا وڃن. هن وقت تائين ان پروگرام تحت 8 هزار کان وڌ??ڪ بلوچستان جا شاگرد لاڀ پرائي چڪا آهن. هن چيو ت?? ان کانسو??ءِ بلوچستان ۾ ايف سي ۽ پاڪ فوج طرفان مختلف علائقن ۾ تعليم جي سهولت ل??ءِ 92ا سڪول هلائي رهيا آهن جن ۾ 19 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. اهو به ٻڌائيندو هلان ته پاڪ فوج جي سهڪار سان بلوچستان جي 253 شاگردن کي گڏيل عرب امارتن جي يونيورسٽين مان به اعليٰ تعليم ڏياري وئي آهي. هن چيو ت?? ڪي پي ۽ بلوچستان سان گڏوگڏ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به پاڪ فوج طرفان 171 اسڪول ۽ ٻه ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا ويا آهن، جن مان علائقي جا 50 هزار کان وڌ??ڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهڙي طرح سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ به ووڪيشنل ٽريننگ سيٽرز ۽ 100 کان وڌ??ڪ سرڪاري اسڪولن جي اپ گريڊيشن به ڪئي وئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ت?? صحت جي شعبي ۾ ڏٺو وڃي ته پاڪ فوج پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي کي ??قيني بڻائڻ ل??ءِ بي شمار قدم کنيا آهن، پاڪستان جي مختلف ضلعن ۾ پاڪستان آرمي طرفان ميڊيڪل ڪيمپس ۾ هڪ لک 15 هزار مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو، ميڊيڪل ڪيمپس جو فوڪس خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ آهي، جتي سوين ۽ هزارين مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح بلوچستان صوبي ۾ 2024ع ۾ 87 ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون، سڄي ملڪ ۾ پوليو جي مرض جي خاتمي ل??ءِ پاڪ فوج طرفان حڪومت جي پوليو مهم ۾ محفوظ ماحول کي ??قيني بڻائڻ ل??ءِ 66 هزار کان وڌ??ڪ سيڪيورٽي اهلڪار پوليو ٽيمن سان پوري ملڪ ۾ مقرر ڪيا ويا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ت?? انفرا اسٽرڪچر جي ڏس ۾ پاڪ فوج ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن، خيبرپختونخوا ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي ل??ءِ 3293 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، ان کانسو??ءِ مقامي ماڻهن ل??ءِ ايگريڪلچر پارڪ وانا ۽ جنڊوله مارڪيٽ کان سو??ءِ ڪجهه اهم رٿائون پاڪ فوج ۽ ان جا فلاحي ادارا هلائي رهيا آهن، شيوا گيس فيلڊ اسپن وام هڪ 150 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين به شامل آهي جيڪا شيوا گئس فيلڊ کي ??ين گئس اسٽيشن سان ملائيندي. هن چيو ت?? محمد خيل ڪاپر مائن پروجيڪٽ، زرملان ۾ هڪ هزار هڪ هيڪٽرز ايراضي پوکي جي قابل ٿي چڪي آهي، ان کانسو??ءِ ڪيترن ئي منصون تي مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون انهن نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن رٿائن سان نه رڳو مقامي ماڻهن کي روزگار ملي رهيو آهي پر ان جو هڪ سٺو حصو عوامي ڀلائي ۽ ترقي تي به خرچ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ت?? جيڪڏهن بلوچستان ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته تعليم، صحت ۽ صاف پاڻي جي فراهمي پاڪ فوج جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ 912 منصوبن جي تڪميل کي ??قيني بڻايو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي تعاون سان رستن ۽ پلين جي حوالي سان اهم منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، آرمي چيف طرفان گوادر جي عوام ل??ءِ تعليم، صحت، پاڻي ۽ روزگار جي فراهمي ل??ءِ 104 مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ ڪجهه تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. ان کانسو??ءِ پنجگور ۾ گڏيل عرب امارتن جي تعاون سان ڊيٽس پروسيسنگ پلانٽ قائم ڪيو ويو آهي، ان منصوبي سان مقامي ماڻهن کي روزگار جي سهولت ميسر اچي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ چمن ماسٽر پلان جو ذڪر به ڪندس جنهن تحت 94 ايڪڙ زمين تي مختلف تعميراتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جن جو مقد چمن جي عوام کي ??تبادل روزگار جي فراهمي کي ??قيني بڻائڻ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ت?? پاڪ فوج گرين انيشيئيٽو جي حوالي سان فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان حڪومت طرفان ڏنل مينڊيٽ موجب پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ت?? ان منصوبي تحت 8 لک غير آباد زمين کي ??وک جي قابل بڻايو پيو وڃي، ان مان هڪ لک ايڪڙن تي پوک شروع ٿي چڪي آهي، ان کي ??لندڙ ڊسمبر تائين اڍائي لک ايڪڙ تائين وڌايو ويندو. ان سان گڏوگڏ پاڻي جي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي فراهمي کي ??قيني بڻائڻ ل??ءِ سسٽم کي امپورٽ ڪيو پيو وڃي ۽ وڌ??ڪ سسٽم هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا ۾ تيار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ت?? لائيو اسٽاڪ جي ترقي ل??ءِ ملڪ ۾ 24 ضلعن ۾ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، 16 ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر به تعمير ڪيا پيا وڃن انهن منصوبن سان نه رڳو روزگار ملي رهيو آهي پر اهي فوڊ سيڪيورٽي ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ طرف اهم قدم به آهي. هن چيو ت?? چيف آف آرمي اسٽاف جي هدايت تي ملڪ جي نوجوان نسل جي ڀلائي ۽ ترقي يقيني بڻائڻ ۽ کين روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ل??ءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي حب جو قيام اهم منصوبو آهي، ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ اي ڪوئيٽا، پشاور، ملتان ۽ اسلام آباد ۾ 3 هزار کان وڌ??ڪ نوجوانن کي ان آءِ حب ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به هي منصوبو جلد شروع ڪيو پيو وڃي. پاڪ فوج قومي اهميت جي مختلف منصوبن تي جن جو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، کي سيڪيورٽي به فراهم ڪري رهي آهي. پاڪ فوج ۽ سول آرمز فورسز جا هزارين اهلڪار پوري ملڪ ۾ اهم منصوبن جي سيڪيورٽي تي مقرر آهن، ان کانسو??ءِ سي پيڪ جي منصوبن تي به اهلڪار مقرر آهن. هن چيو ت?? پاڪ فوج ٽيڪس جي مد ۾ به 23 ارب روپيا جمع ڪرائي رهي آهي، 23-2022ع ۾ به ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ تقريبن هڪ سئو ارب روپيا جمع ڪرايا. جڏهن ته پاڪستان فوج جي رفاعي ۽ ذيلي ادارن مجموعي طور تي تقريبن 260 ارب روپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا، اهڙي طرح پاڪ فوج ۽ ان جي انتظام هيٺ ادارن 23-2022ع ۾ مجموعي طو رتي 360 ارب روپيا قومي خزاني ۾ ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ جمع ڪرايا، ان کانسو??ءِ لکين ڪٽنب انهن ادارن جي ڪري نوڪريون ۽ روزگار حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ت?? پاڪستان دهشتگردي خلاف هڪ ڊگهي جنگ وڙهي آهي، آفيسرن ۽ جوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، شهيد اسان جي مٿي جو تاج آهن. ان سلسلي ۾ شهيدن جي خاندانن، آپريشنز ۾ زخمي ٿيل غازين ل??ءِ جامع پيڪيجز رکيا آهن، هن وقت پاڪ فوج 2 لک 40 هزار ماڻهن جي سارسنڀال ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ت?? پاڪ فوج قومي فوج آهي، ان جا جوان ۽ آفيسر ملڪ جي هر حصي، مذهب ۽ مسلڪ مان ايندا آهن، هي ملڪ جي وچولي ۽ غريب خاندانن مان ايندا آهن، پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي اشرافيه ناهن، پاڪ فوج وچولي غريب طبقن جو گلدستو آهي، جيڪو ميرٽ جي بنياد تي بڻيل سسٽم تحت ڪم ڪري ٿو، ان ل??ءِ هر آفيسر ۽ جوان جي ترجيح پاڪستان آهي، جيڪي هر وقت پنهنجي سڀ کان قيمتي شيءَ ملڪ تان قربان ڪرڻ ل??ءِ تيار آهن. هن چيو ت?? قربانين جو تسلسل 1947ع کان هلندو پيو اچي ۽ هلندو رهندو، جنهن جو سڄو ڪريڊٽ پاڪستان جي بهادر مائرن ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ت?? اوهان ڏسو ت?? پوري دنيا ۾ اڪثر ملڪن ۾ انهن جي فوج جا معاشي ۽ معاشرتي پراجيڪٽس هوندا آهن انهن ۾ پنهنجي حڪومت ۽ عوام ساٿ ڏيندو آهي، ان جا ڪيترائي مثال آهن. هن چيو ت?? فرق رڳو اهو آهي ته انهن جي ڪم کي ??در جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، اسان وٽ مسئلو اهو آهي ته اسان پنهنجي سياسي مقصد ل??ءِ پنهنجي ناپاڪ تنگ نظر مفادن ل??ءِ ان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهيون ۽ اهو ان ل??ءِ ٿيندو آهي هتي هڪ مافيا آهي، مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتي مافيا آهي جيڪا نٿي چاهي ته پاڪستان جو عوام ترقي ڪري ۽ ان جي واڌ ويجهه ٿئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ت?? اها مافيا اهو سوال نه ڪندي ته انهن شين جو سبب ڪهڙو آهي، ڪهڙا مسئلا آهن جنهن سبب هي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي نه ٿي رهي آهي ۽ ڪهڙي طريقي سان اسان مسئلن کي حل ڪري سگهون ٿا، ان کي تڪليف ان تي آهي ته فوج ڇو عوام جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري ل??ءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ت?? ان جو سبب اهو ت?? ناهي، هي مافيا سمجهي ٿي ته ان جي ڪاميابي عوام کي ??جبور ۽ غريب رکڻ ۾ آهي ته جيئن ان جو استحصال ڪري سگهي، تيل جي اسمگلنگ جي حوالي سان هن چيو ت?? ان مسئلي جو اهو حل ناهي ته بارڊر سيل ڪري ڇڏيون، اهو هڪ پيچيده مسئلو آهي ۽ ان تي به ڪم ٿي رهيو آهي، ته جيئن اتي متبادل روزگار ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، بجلي جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، هن چيو ت?? فوج ۽ ايف سي غير قانوني طور تي سامان جي واپار کي ختم ڪرڻ ل??ءِ مستقل ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان نمايان گهٽتائي به آئي آهي. اهو فوج ، ايف سي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سڀني جي گڏيل ڪوششن سان ئي ٿيو آهي. ان جو مستقل ۽ ڊگهي مدي وارو حل ضروري آهي.