اسلام آباد-10 آگسٽ (ا?? پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري تيراه وادي جي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سموري ق??م دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پري?? ونگ م??ن جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري واقعي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. صدر مملڪت مادر وطن لاءِ ج??ن جي قربان?? پيش ڪرڻ تي شهيدن کي سلام ۽ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف خان کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. صدر مملڪت فتنو ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي جهنم تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سموري ق??م دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر مملڪت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري شهيدن جي بلند درجن ۽ ڪٽنب ڀاتين لاءِ صبر جي دعا گهري.